SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


بريٽن ووڊس مالياتي نظام


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


بريٽن ووڊس مالياتي نظام

Bretton Woods

بريٽن ووڊس

آمريڪا جي علائقي بريٽن ووڊس ۾ جولاءِ 1944ع ۾ گڏيل قومن جي نگرانيءَ ۾ بين الاقوامي معيشيت بابت معاهدن ۽ راضي نامن جو هڪ سلسلو طئي ٿيو، جنهن تي دنيا جي 44 رياستن راضپو ڏيکاريندي، بين الاقوامي مالياتي فنڊ (IMF) ۽ عالمي بئنڪ (IBRD) جهڙا تمام اهم مالياتي ادارا قائم ڪيا، اها اڳڀرائي ٻن سالن کان برطانيا ۽ آمريڪا وچ ۾ دنيا جي مالياتي نظام نئون روپ ڏيڻ جي حوالي سان جاري مذاڪرات جي نتيجي ۾ حاصل ٿي. مٿين ٻنهي ادارن مان عالمي بئنڪ جي قيام بابت ته ٻنهي ڌرين ۾ مڪمل هم آهنگي هئي، البت IMF جي حوالي سان تمام گهڻا تضاد پيدا ٿيا، ڇاڪاڻ ته برطانيا ۽ آمريڪا وٽ مستقبل جي مالياتي نظام بابت مختلف نظريا ۽ رويا هئا. سندن وچ ۾ هي فرق، آمريڪا طرفان سفيد رٿا (White Plan) ۽ برطانيا پاران ڪينيز رٿا ( (Keynes Plan جي نالن سان عوامي سطح تي پڌرا ڪيا ويا. مبصرن جو چوڻ آهي، ته ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ پيدا ٿيل اهي اختلاف، دراصل سندس قومي مفادن جي ٽڪراءَ جو نتيجو هئو. پر جيئن ته ان دور ۾ آمريڪا هڪ مضبوط معاشي ملڪ طور تي ظاهر چڪو هو، تنهنڪري بريٽن ووڊس معاهدن ۾، سندس رٿائن کي وڌيڪ اهميت حاصل ٿي


Remember Me Also:

ڏاهر، ڏاهر

ڏاههَ وارو، ڏاهه ڏيندڙ، خبر ڏيندڙ. اسم خاص. ماڻهوءَ جو سنڌي نالو. سنڌ جي برهمڻ گهراڻي جي پوئين حاڪم جو نالو. اوائلي اسلامي دور ۾ مسلمان مردن جو نالو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal